شيخ محمد

شيخ محمد: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪتاب ‘ڪافيون’ ۾ لکي ٿو ته، شيخ محمد 13 صدي هجريءَ جي آخري ۽ 14 صدي هجريءَ جي شروع واري دَور جو شاعر هو. هي حيات لغاري، راوت، مير محمد، ڪالو جي سلسلي جو شاعر هو. ڊاڪٽر بلوچ هن جون سنڌي ۽ سرائڪيءَ جون 23 ڪافيون ڏنيون آهن. سندس ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
محبن سان رب ڪيڙو ميل،
وئا جيئري وهم جدائي جا نالا،
سورن مؤن ٿي سُک ساماڻا،
دردن مؤن ٿيا موتين داڻا،
اهي آهن چاڪَ چڱائي جا الا،
سِڪندي مون کي ڏاهه سڏايو،
گولي پانهنجي ساڻ گڏايو،
ڪيا ٿَوَ ڀالَ ڀلائي جا الا،
شيخ‘ چوي ڪيون شوق شُنڍان،
آيا دوست اسان ڪيون عيدان.


لفظ شيخ محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو